صوبائي وزير ناصر شاهه پاران پوليس طرفان اسلام آباد ۾ سرڪاري ملازمن تي تشدد ۽ شيلنگ جي مذمت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير اطلاعات سنڌ سيد ناصر حسين پوليس پاران اسلام آباد ۾ سرڪاري ملازمن تي تشدد ۽ آنسو گيس جي شيلنگ جي مذمت ڪندي چيو آھي ته جائز مطالبن جي لاءِ  احتجاج تي غير انساني تشدد جي مذمت ڪيون ٿا. وفاقي حڪومت سرڪاري ملازمن جي مطالبن کي مڃي ها ته اهڙي صورتحال پيدا نہ ٿئي ها، پرامن احتجاج تي آنسوگيس ۽ شيلنگ ڪري نالائق حڪومت پنهنجي نااهلي جو ثبوت ڏنو آهي. پرامن احتجاج ۾  گرفتار ڪيل ملازمن کي حڪومت فوري طور تي آزاد ڪري، پوري ملڪ ۾ احتجاج ڪرڻ واري پارٽي سرڪاري ملازمن جي احتجاج کان گهٻرائي وئي آهي،  نااهل حڪومت جي خلاف وفاقي ملازمن کي احتجاج ڪرڻ جو پورو حق آهي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته نيازي صاحب توهان ڪنهن جو ڳلو دٻايو ۽ هن کي چئو ته احتجاج بہ نه ڪر اهو ممڪن نه آهي، عمران خان صاحب ياد رکو ته عوامي لاوو تيزي سان اٻري رهيو آهي، تون ان جي اڳيان رهي نه سگهندي . صوبائي وزير اطلاعات سنڌ چيو سرڪاري ملازم  اڄ  پيپلز پارٽي جي حڪومت کي ياد ڪندا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *