صوبائي وزير ناصر شاهه جي صدارت ۾ اجلاس، واٽر بورڊ جي ڪارڪردگي ۾ بهتري لاءِ ايڇ آر ڪاميٽيون جوڙڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)  مڪاني کاتي واري وزير ۽ چيئرمين ڪراچي واٽر بورڊ سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال وارين سهولتن جي بهتر فراهمي سنڌ حڪومت جي ترجيح ۾ شامل آهي، ان ۾ هر گذرندڙ ڏينهن بهتري آندي پئي وڃي. اداري ۾ استحڪام ۽ نظم و ضبط جي لاءِ سمورا قدم کنيا پيا وڃن واٽر بورڊ کي جديد سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته محصولات واري شعبي ۾ به انقلابي قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن بورڊ جي آمدني ۾ اضافو ٿي سگهي ،اها ڳالهه هن  بورڊ جي ڊائريڪٽرزجي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي، اجلاس ۾ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ سنڌ نجم احمد شاهه ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سروسز امپروومنٽ  پروجيڪٽ تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ ۽ شهرين جي مسئلن جي ترت حل تي زور ڀريندي چيو ته شهر ۽ شهرين جي مفاد ۾ جاري ڪم بهتر منصوبه بندي سان ڪيا وڃن   ايم ڊي واٽر بورڊ اسدالله خان اداري جي مجموعي ڪارڪردگي، شهري سهولتن جي فراهمي ۽ شهرين جي شڪايت جي ازالي لاءِ ورتل اپائن بابت آگاهي ڏيندي چيو ته شهر ۾ فراهمي ۽ نڪاسي آب جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڌيان ڏنو پيو وڃي. ان دوران ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج امپروومينٽ پروگرام جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ايوب شيخ منصوبي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. هن چيو ته 1.6 بلين امريڪي ڊالرز جي ماليت جي هن عظيم منصوبي جي معياري ڪم سان شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال جي نظام ۾ نمايان طور تي بهتري ايندي هن منصوبي بابت بلديات واري وزير ۽ چيئرمين واٽر بورڊ سيد ناصر حسين شاهه  ڀرپور سهڪار جو ذڪر ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته اهو سلسلو مستقل ۾ به جاري رهندو. اجلاس دوران ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال واري نظام ۾ بهتري شهرين جي شڪايتن جي ازالي سميت ٻين اهم معاملن تي اهم فيصلا ڪيا ويا. جن ۾ واٽر بورڊ جي ڪارڪردگي ۾ بهتري لاءِ بورڊ جي ميمبرن تي ٻڌل آڊٽ، فنانس ۽ ڊولپمينٽ ۽ ايڇ آر ڪاميٽيون جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي لئيق احمد، سيڪريٽري رٿا بندي ترقي شيرين مصطفٰي، ڊاڪٽر نعمان احمد، وائس اين اي ڊي يونيورسٽي ڊاڪٽر سروش حشمت لودهي، چارٽرڊ اڪائونٽنٽ ظفر صباني، اڳوڻي سيڪريٽري عبدالڪبير قاضي، ڊاڪٽر بخشل خان لاشاري مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو، ڊاڪٽر نوشين ايڇ انور آئي بي اي ڪراچي، جنيد مڪدا ڪي سي سي آئي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *