صوبائي ايڪريڊٽيشن ڪميٽي طرفان پهرين جنوري کان پيشيور صحافين کي ايڪريڊٽيشن ڪارڊ جاري ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي( اي پي پي) صوبائي ايڪريڊٽيشن ڪميٽي جو ساليانو اجلاس اطلاعات ۽ آرڪائيوز کاتي عمران عطا سومرو جي صدارت هيٺ ڪالهه سندس آفيس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ مختلف ادارن سان تعلق رکندڙ صحافين ۽ صوبائي ايڪريڊٽيشن ڪميٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي، جن ۾ ڪراچي يونين آف جرنلسٽ جي صدر حسن منصور، حسن عباس، 92 نيوز جي ريزيڊنٽ ايڊيٽر سعيد خاور، سينيئر جرنلسٽ شاهد جتوئي، پيپ جي صدر عرفان علي، ڪي يو جي جي جنرل سيڪريٽري حامد الرحمان، عوامي آواز جي ايڊيٽر ڊاڪٽر ايوب شيخ، سينيئر صحافي طاهر حسن خان ۽ ٻيا شامل هئا. اجلاس ۾ پيشيور صاحافين کي سال 2017ع جا ايڪريڊٽيشن ڪارڊ جاري ڪرڻ جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هر ٽن مهينن بعد لاڳاپيل ڪميٽي جو اجلاس منعقد ڪيو ويندو. اجلاس ۾ وڌيڪ فيصلو ڪيو ويو ته معزز سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ سرڪاري ملازمت ڪندڙ ڪنهن به صحافي کي ايڪريڊٽيشن ڪارڊ جاري نه ڪيو ويندو. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته اطلاعات کاتو سنڌ سمورن چينلز ۽ اخبارن کي هڪ ليٽر موڪليو ويندو جنهن ۾ سندن اداري ۾ ڪم ڪندڙ صحافين، ڪئميرا مين ۽ فوٽو گرافرز جا نالا طلب ڪيا ويندا ته جيئن پهرين جنوري 2018 کان ئي صحافين کي ايڪريڊٽيشن ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ ڪم شروع ڪري سگهجي. اطلاعات کاتي سنڌ جي سمورن ڊائريڪٽرن، صوبائي ايڪريڊيشن ڪميٽي جي ميمبرن ڊائريڪٽر اطلاعات پريس انفارميشن زينت جهان، ڊويزنل ڊائريڪٽر اطلاعات حيدرآباد خورشيد شيخ، ڊائريڪٽر اطلاعات لاڙڪاڻو سيد پرويز حسنين ، ڊويزنل ڊائريڪٽر اطلاعات ميرپورخاص ۽ ٻين شرڪت ڪئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *