صوابي چاهيندڙ شادي نه ٿيڻ تي ڪنوار کي قتل ڪري ڇڏيو، پاڻ به آپگهات ڪيو

صوابي (م.ڊ) شوخي هانڊه جي علائقي ۾ شادي جي تقريب ۾ نوجوان فائرنگ ڪري ڪنوار کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ به خودڪشي ڪري ڇڏي، صوابي جي علائقي شوخي بانڊه ۾ شادي جي تقريب جاري هئي ته ارشد نالي نوجوان فائرنگ ڪري ڪنوار کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ پاڻ کي به گولي هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي فائرنگ جي واقعي ۾ 3 ٻارڙيون به زخمي ٿيپيون جن کي طبي امداد لاءِ فوري طور تي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو پوليس جو چوڻ هو ته ارشد ڪنوار سان شادي جو خواهشمند هو پر پسند جي شادي نه ٿيڻ تي ڪنوار کي قتل ڪري پاڻ به خودڪشي ڪري ڇڏي واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *