صنم سعيد جو خودڪشي جي واقعن کي روڪڻ لاءِ آواز اٿارڻ جو فيصلو

لاهور (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪاره ۽  ڳائڻي صنم سعيد خودڪشي جي واقعن کي روڪڻ ۽ نفسياتي مسئلن جي شڪار ماڻهن لاءِ آواز اٿارڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ميڊيا رپورٽ موجب اداڪاره سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هن وقت اسان کي خودڪشي جي واقعن کي روڪڻ جي لاءِ فوري طور تي ڪارروائي جي ضرورت آهي. ڇو ته هتي خودڪشي ۽ نفسياتي بيماري بابت  ڪابه مفت هيلپ لائين ناهي. صنم سعيد چيو ته اهڙو ٽول فري نمبر هجڻ گهرجي جنهن سان اهڙن متاثر ماڻهن جي مدد ڪري سگهجي. هن چيو ته اسان کي هاڻ پنهنجي روايتي سوچ کي ختم ڪرڻو پوندو ڇو ته نفسياتي صحت جي لاءِ مدد وٺڻ شرم جهڙي ڳالهه ناهي. هن چيو ته خودڪشي جا واقعا اسان جي ملڪ ۾ ڏينهون  ڏينهن وڌي رهيا آهن جنهن کي روڪڻ لاءِ اسان کي تڪڙا قدم کڻڻا پوندا. ڪجهه ماڻهو خودڪشيون نفسياتي مسئلن سبب ڪندا آهن، جيڪڏهن اسان وٽ هتي خودڪشي کي روڪڻ لاءِ ڪي قدم کنيا وڃن ته ان جو رجحان ڪيتري حد تائين رڪجي سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *