صنعا (م.ڊ) يمن ۾ سعودي اتحادي جهازن جي حملن جي چڪرين ۾ 29 حوثي باغين سميت 40 ماڻهو مارجي ويا. هڪ غير ملڪي خابرو ايجنسي مطابق سعودي اتحادي جهازن گادي واري شهر صنعا سميت يمن جي مختلف شهرن ۾ باغين جي فوجي اڏن ۽ ڪيترن ئي ٺڪاڻن تي بمباري ڪئي، حديدا ۾ فوجي ائيرپورٽ کي ٻه دفعا نشانو بڻايو. جڏهن ته حجا ۾ به باغين هڪ اجتماع تي هوائي حملو ڪيو، حملي ۾12 باغي مارجي ويا. اتر يمن ۾ قبائلين ۽ حوثي باغين وچ ۾ چڪرين ۾ 17 باغين سميت 28 ڄڻا مارجي ويا. اقوام متحده موجب يمن ۾ جاري جهيڙي ۾ هينئر تائين 1000 کان مٿي ماڻهو مارجي ويا آهن.