صفوران سانحو، سخت سيڪيورٽي ۾ شهيدن جا مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي، وڌيڪ 2 زخمي فوت، انگ 47 ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صفوران ڳوٺ سانحي ۾ حياتيون وڃائيندڙ 42 ڄڻن جا مڙهه سخت سڪيورٽي هيٺ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته وڌيڪ ٻن زخمين جَي فوت ٿيڻ بعد شهيدن جو انگ وڌي 47 ٿي ويو آهي. گذريل ڏينهن ڪراچي جي علائقي صفوران ڳوٺ ويجهو بس تي فائرنگ جَي نتيجي ۾ اسماعيلي ڪميونٽي سان تعلق رکندڙ 16 عورتن سميت 45 ڄڻا شهيد ۽ 12 ڄڻا زخمي ٿيا هئا. سانحي ۾ شهيد ٿيل 45 مان 42 ڄڻن جي الاظهر گارڊن ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم، پي ٽي آءِ، نون ليگ، جماعت اسلامي ۽ ٻين سياسي، سماجي، مذهبي اڳواڻن توڙي عام ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جنازي نماز وقت سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪندي رينجرز ۽ پوليس جا 2 سئو اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا. شهيدن جِي جنازي نماز ادا ڪندڙن جي سڪيورٽي لاءِ ريپڊ ريسپانس فورس جي سئو اهلڪارن کي به الرٽ رکيو ويو هو. جنازي نماز بعد 42 ئي ڄڻن جا مڙهه نارٿ ناظم آباد جي سخي حسن قبرستان ۾ سخت سڪيورٽي هيٺ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا. ٻئي طرف آغا خان ۽ ميمڻ اسپتال ۾ داخل صفوران سانحي جا 2 زخمي فوت ٿي ويا، جنهن بعد شهيد ٿيلن جو انگ وڌي 47 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 10 زخمين جو مختلف اسپتالن ۾ علاج هلندڙ آهي. هوڏانهن سانحي ۾ شهيد ٿيل 47 مان ٻن ڄڻن جِي سڃاڻپ اڃا تائين ناهي ٿي سگهي،جنهنڪري سندن لاش اسپتالن ۾ پيل آهن. ٻئي طرف ڪراچي سانحي تي سڄي ملڪ ۾ سوڳ ملهايو پيو وڃي، سنڌ ۾ عام زندگي جيان عدالتي ڪارروائيون پڻ معطل آهن، جڏهن ته قومي جهنڊو به جهـُڪيل آهي. ڪراچي جي صفوران چورنگي ويجهو اسماعيلي برادري جي 46 ڄڻن جي قتل خلاف سنڌ، پنجاب، بلوچستان، خيبر پختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ سوڳ ملهايو پيو وڃي. سوڳ سبب اهم سرڪاري ۽ خانگي عمارتن تي قومي جهنڊو جهـُڪيل آهي جڏهن ته سڄي سنڌ ۾ عام زندگي مڪمل طور مفلوج بڻيل آهي. ڪراچي ۾ شهر جا اڪثر پيٽرول پمپس ۽ سي اين جـِي اسٽيشنز بند آهن، جنهن سبب روڊن تي پبلڪ ٽرانسپورٽ انتهائي گهٽ آهي. شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز، دڪان، آفيسون ۽ تعليمي ادارا بند آهن، جڏهن ته ڪراچي ۽ وفاقي اردو يونيورسٽيز سميت سمورين سرڪاري توڙي خانگي يونيورسٽيز ۾ اڄ رٿيل پرچا ملتوي ڪيا ويا آهن. صفوران چورنگي سانحي سبب سپريم ڪورٽ، سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڪراچي بار ۽ ملير بار ايسوسيئشنز جي سڏ تي عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي جڏهن ته وڪيلن ڪاريون پٽيون ٻـَڌي احتجاج پڻ ڪيو. ٻئي طرف حيدرآباد، ميرپورخاص، نوابشاهه، دوڙ، بدين، سانگهڙ، شهدادپور، دادو، ميهڙ، سکر، روهڙي، خيرپور،نوشهري فيروز، جيڪب آباد ۽ ٻين شهرن ۾ به ڪاروبار، اسڪول ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ بند آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *