صفوران، سبين محمود ۽ آمريڪي عورت تي حملن جا جوابدار گرفتار ڪري ورتا آهن: وڏو وزير

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته صفورا واقعي جا ڏوهاري ۽ سبين ۾محمود جا قاتل گرفتار ڪيا ويا آهن، جن ۾ سعد عزيز نالي ڏوهاري سبين محمود جي قتل جو مک ماڻهو آهي جڏهن ته صفورا واقعي جي ڏوهارين کان انهن ڳالهين جا اهم ثبوت پڻ مليا آهن.وزير اعليٰ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس دوران قائم علي شاهه  اهي سموريون پڌرايون ڪيون. هن وڌيڪ چيو ته سبين محمود جو قاتل انجنيئر هو جڏهن ته قتل جو مک ماڻهو سعد عزيز آهي ۽ ڏوهارين اهي سمورا اعتراف به ڪيا آهن. هن چيو ته هڪ ڏوهاري جا ڪيترا ئي نالا آهن جيڪو دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث رهيو آهي، ڏوهاري  کي بم ٺاهڻ ۽ استعمال ڪرڻ تي وڏي مهارت آهي.ڏوهارين جو هڪ وڏو گروهه آهي جن جا نالا هنن ٻڌايا آهن.قائم علي شاهه وڌيڪ چيو ته ڏوهاري ريجنرز جي برگيڊيئر تي خودڪش بم حملي ڪرڻ کي به قبولي چڪا آهن،اسڪولن تي ڌماڪا،پوليس حملن سوڌو آمريڪي ڊاڪٽر ڊيبرا لوبو تي حملي ۾ به اهو ئي گروهه ملوث آهي.وزيراعلي سنڌ چيو ته صفورا واقعي جي ڏوهارين مان ناصر نالي ڏوهاري 2013ع ۾ دهشتگردي جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث رهيو آهي، طاهر منهاس نالي دهشتگرد به انهن جو مک ماڻهو آهي. ڏوهارين کان وڌيڪ جاچ هلي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *