”صفا اڪيلي آهيان“ شرڌا ڪپور، اديتيا سان لاڳاپن جون خبرون رد ڪري ڇڏيون

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڪامياب اداڪارا شرڌا ڪپور اداڪارا اديتيا رائي ڪپور سان لاڳاپن وارين خبرن کي بي بنياد قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي، فلم ”عاشقي 2“ ذريعي شهرت جي اوچاين کي ڇهندڙ شرڌا ڪپور ۽ اديتيا رائي ڪپور جي حوالي سان مختلف متضاد ڳالهيون گردش ڪري رهيون هيون ۽ امڪان ڏيکاريو پئي ويو ته ٻئي فلم”اوڪي جانو“ ۾ گڏ نظر ايندا ، ان حوالي سان شرڌا ڪپور اداڪارا اديتيا سان گڏ فلم ۾ اچڻ جي تصديق پر ساڻس ڪنهن به قسم جي تعلق جي ترديد ڪئي آهي،هڪ انٽرويو ۾ شرڌا ڪپور چيو ته مان بلڪل اڪيلي آهيان ۽ اديتيا سان اهڙو ڪوبه تعلق ناهي، جيڪو ڳنڍيو پيو وڃي، هن چيو ته ” عاشقي 2“ کانپوءِ ماڻهو اسان ٻنهي کي هڪ ڀيرو وري فلم ۾ گڏ ڏسڻ پيا چاهين، جنهن لاءِ اسان ”اوڪي جانو“ ۾ گڏ ڪم ڪري رهيا آهيون، شرڌا ڪپور جو چوڻ هو ته ”اوڪي جانو“بلڪل مختلف فلم آهي، جنهن ۾ مذاق جو به ڪجهه عنصر شامل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *