صرف فوجداري ڪيسن جو ٽرائيل ملٽري ڪورٽس ۾ ممڪن آهي: اعتزازاحسن

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ اعتزازاحسن چيو آهي ته صرف فوجداري ڪيسن جو ٽرائيل ملٽري ڪورٽس ۾ ممڪن آهي سيڪشن ٽو ون ڊي تحت ڪنهن سول فوج جي خلاف ڪنهن قسم جي سازش ڪئي هجي تي ٽرائيل لاءِ انهن عدالتن ۾ کڻي وڃي سگهجي ٿو هڪ انٽرويو ۾ چوڌري اعتزازاحسن چيو ته فاٽا ۾ فوجي عدالتن جي قيام بابت انهن کي اڃا تائين آگاهه ناهي ڪيو ويو هن چيو ته لاهور ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران قيدين جي موت جي سزا تي عملدرآمد روڪڻ جو بنيادي سبب هي آهي ته انهن جوابدارن جا ڪيس اڃا تائين التوا هيٺ آهن جڏهن ان کان اهو سوال ڪيو ويو ته عدالتن جو قيدين جي سزائن تي ورتل اسٽي آرڊر ۽ ان کي حڪومت پاران چئلينج ڪرڻ کي اوهان ڪيئن ڏسو ٿا ته هن چيو ته حڪومت کي هي حق حاصل آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته هو هي سمجههندي هجي ته ان قيدين کي اپيل ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويو جڏهن ته غلط بياني کان ڪم ورتو ويو سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر چيو ته حڪومت جو هي موقف درست نه آهي ته دنيا ۾ ڪائي اهڙي عدالت ۽ قانون موجود نه آهي جو قيدي کي اپيل ڪرڻ جو حق نه ڏي لال مسجد جي خطيب مولانا عبدالعزيز پاران پشاور حملي جو جواز پيش ڪرڻ ۽ سول سوسائٽِ جي ماڻهن کي مظاهرو ڪرڻ تي ڌمڪيون ڏيڻ ۽ ان تي سياسي ردعمل تي ڳالهائيندي چوڌري اعتزازاحسن چيو ته هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مسجد کي پاڪ ڪيو وڃي ڇو ته ڪنهن به عبادتگاهه کي ڪيرائڻ جائز عمل نه آهي ۽ نه ئي مسئلي جو حل آهي هڪ سوال جي جواب ۾ ڇا گذريل پنجن سالن ۾ مولانا عبدالعزيز جيڪڏهن اهڙي قسم جا بيان ڏنا ته ان کي ڇو منظرعام تي نه آندو ويو ته هن چيو ته ٿي سگهي ٿو ته ماضي ۾ به اهڙي قسم جا بيان آڏو آيا هجن ۽ جيڪڏهن ايئن آهي ته ان جي خلاف ايڪشن ٿيڻ گهرجي ها. هن چيو ته هو سمجهي ٿو ته اهڙي قسم جي بيانن جي روڪٿام لاءِ ڪنهن قانونسازي جي ضرورت نه آهي پر هڪ حڪومتي فيصلي جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *