
لاهور (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا صرحا اصغر نجي چينل جي شو دوران سوال جي جواب ۾ نواز ليگ اڳواڻ مريم نواز کي پاڪستاني سياست جي ليڊي ڊيانا قرار ڏنو ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهائيندي صرحا چيو ته عمران خان کان سواءِ پاڪستان کي ڪوبه ٺيڪ نٿو ڪري سگهي ، هن کي ايندڙ پنج سال به ملڻ گهرجن. صرحا چيو ته اداڪارا سجل علي، صبا قمر کان وڌيڪ بهترين اداڪارا آهي. بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ بابت هن چيو ته جيڪڏهن اتان ڪم جي آڇ ٿي ته اکيون بند ڪري قبول نه ڪنديس.