صدف ڪنول شهروز سان لاڳاپن وارن افواهن جي ترديد ڪري ڇڏي

 

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪاره صدف ڪنول شهروز سبزواري سان لاڳاپن جي باري ۾ افواهن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.هن چيو ته هو هڪ مهينو اڳ اداڪار شهروز سبزواري سان ملي آهي.  ميڊيا رپورٽ موجب اداڪاره صدف ڪنول جو چوڻ آهي ته شهروز سبزواري هڪ سٺو دوست ۽ گڏ ڪم ڪندڙ آهي ان سان ڪنهن به قسم جا لاڳاپا ناهن.ان حوالي سان هلندڙ سموريون خبرون بي بنياد آهن. واضح رهي ته شهروز سبزواري جي هن وقت پنهنجي گهر واري  سائره يوسف سان اختلاف جون خبرون گرم آهن.جنهن سبب صدف ڪنول شهروز سان مبينه لاڳاپن کي قرار ڏنو پيو وڃي جنهن جي شهروز به ترديد ڪئي هئي ۽ هاڻ صدف ڪنول پاران به ان جي ترديد سامهون اچي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *