صدر ڪارو ناڻو اڇو ڪرڻ بابت انڪم ٽيڪس ترميمي بل 2016ع تي صحيح ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو)  صدر ممنون حسين انڪم ٽيڪس ترميمي بل 2016ع تي صحيح ڪري ڇڏي آهي،صدر جي اهڙي منظوري کانپوءِ اهو بل قانوني ايڪٽ بڻجي ويو، جيڪو ترت سڄي ملڪ ۾ لاڳو ٿيندو، ڪارو ناڻو اڇو ڪرڻ واري ان انڪم ٽيڪس ترميمي بل جو فائدو رڳو واپاري برادري کي پهچندو، بل مطابق 5 ڪروڙ رپين تائين ٽرن اوور تي 2016ع ۾ ٻڙيِ ڏهائي 2 سيڪڙو ٽيڪس ڏيڻي پوندي، اهڙي ريت 5 کان 25 ڪروڙ تائين هڪ لک ۽ ان کان وڌيڪ رقم تي ٻڙي ڏهائي 15 سيڪڙو ٽيڪس ڀرڻي پوندي، جڏهن ته 25 ڪروڙ کان وڌيڪ ٽرن اوور تي 4 لک رپين کانسواءِ واڌو رقم تي ٻڙي ڏهائي هڪ سيڪڙو ٽيڪس ڏيڻي پوندي، ايڪٽ مطابق 2017ع ۽ 2018ع ۾ گذرندڙ سال کان 25 سيڪڙو وڌيڪ ٽيڪس ڏيڻي پوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *