صدر ممنون حسين سان انڊونيشيا لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير محمد عاقل نديم جي ملاقات

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان جي صدر ممنون حسين پاڪستان ۽ انڊونيشيا وچ ۾ ٻطرفو تعاون ۽ پاٽنرشپ وڌائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته تجارتي عدم توازن کي دور ڪرڻ لاءِ پاڪستاني برآمدادات ۾ واڌ تي توجهه ڏني وڃي اها ڳالهه صدر ممنون حسين انڊونيشيا لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير محمد عاقل نديم سان ڳالهائينديڪئي جنهن پاڪستان جي صدر سان ايوان صدر اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي صدر نامزد سفير کي نيون ذميواريون سنڀالڻ تي واڌايون ڏنيون ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ان جي سفارتڪاري دوران ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا بهتر ٿيندا صدر ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته ان ۾ واڌ وقت جي اهم ضرورت آهي هن چيو ته انڊونيشيا عام ملڪ ۽ سڀ کان وڌيڪ آبادي رکندڙ مسلمان ملڪ آهي جتي پاڪستاني مصنوعات جي وڏي انگ ۾ کپت ٿي سگهي ٿي جنهن تي سنجيدگي سان توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي صدر ممنون حسين ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ لاڳاپا بهتر بنائڻ لاءِ اعليٰ سطحي رابطن پارليماني وفدن ۽ عوامي سطح تي بدلين جي ضرورت تي به زور ڀريو. صدر نامزد سفير محمد عاقل نديم کي هدايت ڪئي ته هو انڊونيشيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪم ڪن.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *