صدر ممنون حسين ايل اين جي رٿا کي ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان جي صدر ممنون حسين چيو آهي ته ايل اين جي رٿا شفاف ۽ بدعنواني کان پاڪ آهي، ان سان ملڪ ۾ توانائي جون ضرورتون پوريون ٿينديون، صدر کي ايل اين جي رٿا تي ايوان صدر ۾ بريفنگ ڏني وئي، صدر ممنون حسين کي پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جي وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي بريفنگ ڏني، ان موقعي تي صدر چيو ته ملڪ ۾ توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ايل اين جي رٿا ضروري آهي، صدر ان موقعي تي هدايت ڪئي ته گهٽ خرچ ۽ وڌيڪ افاديت وارا منصوبا جوڙيا وڃن ته جئين ملڪ ۾ توانائي جو بحران ختم ٿي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *