صدر عمران خان ۽ شهباز شريف کي نگران وزيراعظم لاءِ خط لکي ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) 3 اپريل تي قومي اسيمبلي تحليل ٿيڻ سبب صدر ڊاڪٽر عارف علوي، وزيراعطم عمران خان ۽ مخالف ڌر اڳواڻ ميان محمد شهبازشريف کي نگران وزيراعظم لاءِ مناسب شخص جي تجويز لاءِ خط لکي ڇڏيو صدر خط آئين جي آرٽيڪل 1224 اي تحت نگران وزيرعظم جي مقرري لاءِ مناسب شخص جي تجويز لاءِ لکيو متن مطابق ٻئي اڳواڻ جيڪڏهن قومي اسيمبلي جي تحليل جي ٽن ڏينهن اندر ڪنهن شخص تي متفق نه ٿين ته ٻه نالا اسپيڪر قومي اسيمبلي جي جوڙيل ڪميٽي کي موڪلڻا پوندا متن مطابق اسپيڪر جي جوڙيل ڪميٽي جا ڪل 8 ميمبر هوندا حڪومت ۽ اپوزيشن مان برابر نمائندگي هوندي ڪميٽي جي ميمبرن جي نامزدگي وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ ڪندا صدر چيو ته موجوده وزيراعظم عمران خان آئين جي آرٽيڪل 224 اي 4 تحت نگران وزيراعظم جي مقرري تائين پنهنجون ذميواريون ادا ڪندو رهندو پڌرائي مطابق پاڪستان جي آئين جو آرٽيڪل 1224 اي صدر کي وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي صلاح مشوري سان نگران وزيراعطم جي مقرري جو اختيار ڏي ٿو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *