صدر عارف علوي پي ايم ڊي سي آرڊيننس تي صحيح ڪري ڇڏي، صحت وزارت ڪائونسل تحليل ڪري ڇڏي، آفيسون بند

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر عارف علوي پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪميشن آرڊيننس تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن، آرڊيننس لاڳو ٿيڻ کان فورن پوءِ صحت واري وزارت پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل کي تحليل ڪندي سندس آفيس هڪ هفتي لاءِ بند ڪري ڇڏي، صحت واري وزارت جي ترجمان پاران جاري ڪيل وضاحت ۾ چيو ويو آهي ته صدر عارف علوي پاران آرڊيننس تي صحيحون ڪرڻ کان پوءِ پي ايم ڊي سي جي انتظامي مامرن جو نئين سر جائزو وٺڻ لاءِ آفيس هڪ هفتي لاءِ بند ڪئي وئي آهي، ترجمان جي پڌرائي ۾ وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ويو آهي ته حڪومت پاران آرڊيننس آڻڻ جو مطلب لائسنس جاري ڪرڻ ۽ رجسٽريشن متعلق اهم رڪارڊ کي محفوظ ڪرڻ آهي، جڏهن ته ميڊيڪل ۽ ڊينٽل جي شعبن ۾ داخلائن ۾ ڪا به رنڊڪ نه ايندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *