
اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر عارف علوي سنڌ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل ججز جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 175 اي جي تحت ايڊيشنل ججز جي مقرري ڪئي سنڌ هاءِ ڪورٽ لاءِ جسٽس مسز راشده اسد، جسٽس عبدالمبين لاکو ۽ جسٽس ذوالفقارعلي سانگي جي نالن جي منظوري ڏني وئي پشاور هاءِ ڪورٽ لاءِ جسٽس صاحبزاده اسدالله، جسٽس محمد نعيم انور ۽ جسٽس وقار احمد جي نالن جي منظوري ڏني وئي.