صدر عارف علوي ملڪ ۾ صنعتي ترقي لاءِ انڪم ٽيڪس ترميمي آرڊيننس 2022 جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ صنعتي ترقي لاءِ انڪم ٽيڪس ترميمي آرڊيننس 2022 جاري ڪري ڇڏيو آرڊيننس جو مقصد ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ صنعتن کي هٿي وٺرائڻ ۽ بيمار صنعتي يونٽن جو احياء آهي اربع تي ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق آرڊيننس تحت نقصان ۾ ويندڙ بيمار صنعتن کي ٻيهر هلائڻ لاءِ پئڪيج ڏنو ويو آهي آرڊيننس جي مدد سان انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2021 ۾ سيڪشن 59 سي، 65 ايڇ، 100 ايف جو اضافو ڪيو ويو آرڊيننس ۾ چيو ويو ته نئين صنعتن جي قيام لاءِ ظاهر ڪيل اثاثن تي سيڙپڪارنکي صرف 5 سيڪڙو مقرر ٽيڪس ڏيڻو پوندو ظاهر ڪيل فنڊ صرف پلانٽ ۽ مشينري خريد ڪرڻ انڊسٽري جي قيام لاءِ استعمال ٿي سگهندا فائديمند ڪمپنيون بيمار ۽ نقصان ۾ ويندڙ صنعتون حاصل ڪري سگهنديون حوصله افزائي لاءِ بيمار صنعت جو ٽيڪس نقصان ايندڙ ٽن سالن لاءِ ايڊجسٽ ٿي سگهندو اهل سمنڊ پار پاڪستاني، بيروني ملڪ اثاثا رکندڙ پاڪستاني سيڙپڪاري ڪري سگهندا سيڙپڪار پئڪيج تحت واپس آندل رقم تي 100 سيڪڙو ٽيڪس ڪريڊٽ جا اهل هوندا پئڪيج تحت واپس آندل رقم جي برابر ٽيڪس ڪريڊٽ صرف 5 سالن تائين ڏنو ويندو صدر وزيراعظم جي ايڊوائيز تي آئين جي آرٽيڪل 89 جي تحت آرڊيننس جاري ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *