صدر عارف علوي جي سکر ۾ پارٽي عهديدارن ۽ ڪارڪنن سان ملاقات ،شڪايتن جا ڍير، واهر نه ٿيڻ جون معيارون

سکر (اين اين آءِ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي سکر ۾ پارٽي عهديدارن ۽ ڪارڪنن سان ملاقات تفصيل موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي سکر ۽ جيڪب آباد جي هڪ ڏينهن جي دوري تي پنهنجي زال خاتون اول بيگم ثمينه علوي سان گڏ سکر پهتو. گورنر عمران اسماعيل ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن سندن سکر ايئرپورٽ تي آجيان ڪئي. اهي ايئرپورٽ کان سڌو سکر سرڪٽ هائوس پهتا جتي ان سان سکر خيرپور ۽ ٻين ضلعن سان تعلق رکندڙ پي ٽي آءِ جي صوبائي، ڊويزنل ۽ مقامي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي وڏي انگ ملاقات ڪئي ڄاڻ ملي آهي ته صدر سان ملاقات وقت پي ٽي آءِ جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن ان آڏو  شڪايتن جا ڍير لڳائيندي چيو ته پي ٽي آءِ عوام سان جيڪي واعدا ڪيا هئا انهن مان هڪ به پوروناهي ٿيو مهانگائي عوام جو جيئڻ عذاب ڪري ڇڏيو اهي حڪومت ان حوالي سان قدم کڻي ۽ غريب عوام کي رليف ڏي اجلاس دوران ڪارڪنن ۽ عهديدارن سيپڪو جي خلاف به شڪايتون صدر کي ڏنيون ۽ گهر ڪئي ته غريب عوام لاءِ سستي بجلي جي پئڪيج جو اعلان ڪيو وڃي جنهن تي صدر ڪارڪنن ۽ عهديدارن کي خطاب ڪندي چيو ته عمران خان کي عوام جي مهانگائي جي حوالي سان وڏي ڳڻتي آهي جلد حڪومت مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري وٺندي مان سکر جي گهٽين ۾ 8-8 ڪلاڪ مهم هلائي آهي مون کي هتان جي ماڻهن جو احساس آهي هن عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي چيو ته ٻن ڏينهن کان پوءِ وفاقي وزير سکر ايندا سيپڪو جي حوالي سان جيتري شڪايتون آهن کين ڏنيون وڃن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *