صدر عارف علوي، عمران خان ۽ ٻين خلاف ڪارروائي جو فيصلو، ريفرنس جي تياري شروع

اسلام آباد:(م.ڊ) وفاقي سرڪار صدر عارف علوي، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، قاسم سوري ۽ عمر سرفراز چيمه خلاف آرٽيڪل 6 جي تحت ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو آهي. رپورٽ موجب وفاقي حڪومت دستور پاڪستان تي عمل ڪرڻ بابت وڏو فيصلو ڪندي آئين جي ڀڃڪڙي جي ڏوهه ۾ اڳوڻي حڪومت جي اهم شخصيتن خلاف آرٽيڪل 6 جي تحت ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.  ان شخصيتن ۾ صدر عارف علوي، اڳوڻو وزيراعظم عمران خان، ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري، پنجاب جو گورنر عمر سرفراز چيمه شامل آهن جن خلاف ڪارروائي لاءِ قانون ۽ انصاف واري وزارت ۽ گهرو وزارت ريفرنس جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب قومي اسيمبلي ۾ بي اعتمادي رٿ جي عمل ۾ آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. صدر عارف علوي، ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري عمران خان جي چوڻ تي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي. پنجاب اسيمبلي ۾ به آئيني عمل کي نقصان پهچايو ويو ۽ گورنر پاڻ آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي. ذريعن موجب صدر عارف علوي پارٽي چيئرمين جي حڪم تي آئين کي قربان ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي آئين تي عمل نه ڪرڻ سبب هنن توهين عدالت ڪئي. جڏهن ته ڪارروائي لاءِ صوبائي اسيمبلين جو رڪارڊ حاصل ڪرڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي. ريفرنس سان پاڪستان جي سياسي ۽ عدالتي تاريخ ۾ هڪ نئون باب لکيو ويندو. ذريعن وڌيڪ چيو آهي ته قانون جي تحت آرٽيڪل 6 جي ڪارروائي ڪرڻ جي مجاز وفاقي حڪومت آهي. قانون موجب وفاقي حڪومت ريفرنس تيار ڪري داخل ڪندي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *