صدر سان غير ملڪي سفيرن جي ملاقات، ضرب عضب آخري دهشتگردي جي خاتمي تائين جاري رهندو: ممنون حسين

اسلام آباد (اين اين آءِ) برطانيا انڊونيشيا جاپان ارجنٽينا اڪواڊور ۽ لٿونيا جي سفيرن گذريل ڏينهن ايوان صدر ۾ منعقد ٿيل تقريب ۾ شرڪت ڪري پنهنجا دستاويز صدر مملڪت ممنون حسين کي پيش ڪيا جڏهن ته تقريب جي پڄاني کان پوءِ مختلف ملڪن جي سفيرن صدر ممنون حسين سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون ان موقعي تي صدر ممنون حسين چيو ته پاڪستان تمام ملڪن بلخصوص پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا رکڻ جو خواهشمند آهي ته جيئن خطي ۾ امن استحڪام ۽ خوشحالي اچي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان سيڙپڪاري جا بهتري موقعا فراهم ڪري ٿو جنهن ۾ عالمي سيڙپڪارن کي فائدو ٿيندو صدر مملڪت وڌيڪ چيو ته آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان جاري آهي ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو صدر مملڪت نيون زميوارون سنڀاليندڙ سفيرن کي مبارڪباد پيش ڪيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو پاڪستان سان پنهنجي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *