ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صدر ممنون حسين سان متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جي وفد ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ ڪالهه جمعي ڏينهن اسٽيٽ گيسٽ هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي ۽ خاص طور تي سنڌ صوبي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد ۾ متحده قومي موومينٽجا سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ سينيٽر نسرين جليل شامل هئا.