
اسلام آباد (اي پي پي) صدر ممنون حسين وزيراعظم جي ايڊوائيس تي سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 76 دادو III جي ضمني چونڊن جي موقعي تي نامزدگي ڪاغذن تي رٽرننگ آفيسرن جي فيصلن جي خلاف اپيلن جي ٻڌڻي جي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻن ججن تي ٻڌل اپيليٽ ٽربيونل جوڙي ڇڏيو آهي جنهن موجب اپيليٽ ٽربيونل ۾ جسٽس عبدالمالڪ گادي ۽ جسٽس عبدالغني سومرو جا نالا شامل آهن. پي ايس 23 نوشهرو فيروز V جي ضمني چونڊن جي موقعي تي نامزدگي ڪاغذن تي رٽرننگ آفيسرن جي فيصلن جي خلاف اپيلن جي ٻڌڻي جي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻن ججن تي ٻڌل اپيليٽ ٽربيونل جوڙي ڇڏيو آهي جنهن موجب اپيليٽ ٽربيونل ۾ جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس شاهنواز طارق جا نالا شامل آهن.