صدر، وزيراعظم، آصف زرداري، الطاف حسين، عمران خان ۽ ٻين پاران لاهور ڌماڪي جي مذمت

اسلام آباد (بيورو)  وزيراعظم نواز شريف، صدر ممنون حسين، آصف علي زرداري، عمران خان، الطاف حسين ۽ ٻين لاهور ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، وزيراعظم نواز شريف، شهباز شريف کان رپورٽ طلب ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي پاڙ پٽي ئي سک جو ساهه کڻنداسين. وزيراعظم نواز شريف، لاهور ڌماڪي ۾ جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي زخمين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کي ڌماڪي جي جاچ جو حڪم ڏيندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. صدر ممنون حسين، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان، ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين ۽ ٻين پڻ ڌماڪي جي مذمت ڪندي جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. صدر ممنون حسين، پنجاب حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته زخمين کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *