صدائين پهريون حملو آئين تي ٿيو ۽ آئين ئي سڀني جي ڪم آيو، آرٽيڪل 6 پ پ جو تير آهي: وڏو وزير

ڪراچي (اي پي پي) وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته آصف علي زرداري جي حڪمت عملي سبب پرويز مشرف کي ايوان مان ٻاهر ڪڍيو ويو. سينيٽ جي چيئرمين رضا رباني ڪاوڙ م چيو ته آئين جو آرٽيڪل 6 ختم ڪيو وڃي، اهو آرٽيڪل پيپلز پارٽي جو تير آهي جيڪو ان وقت هلندو آهي جڏهن آئين کي مسخ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه سومر ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ (يوم دستور ) جي حوالي سان پيش ڪيل قرارداد تي ڳالهائيندي ڪيو. وڏي وزير چيو ته سڀ کان وڌيڪ اهميت آئين جي هوندي آهي، آئين ناهي ته ملڪ ناهي، 1973 جي آئين کان اڳ ٻه آئين ٺهيا هئا پر اهي 2، 2 سال به نه هلي سگهيا، هي 1973 جو آئين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪارنامو آهي، جو هي آئين  ان وقت به سڀني سياسي پارٽين کي قابل قبول هو ۽ اڄ به سڀني کي قبول آهي. هن چيو ته 1973 جو آئين ايترو سولائي سان نه جڙيو هو، هي آئين ان وقت ٺهيو هو جڏهن اڌ پاڪستان هليو ويو، شهيد ڀٽو چيو هو ته ٽڪرا گڏ ڪري پاڪستان کي اسلام جو قلعو بنايو ويندو. هن چيو ته شهيد ڀٽو حڪومت سنڀاليندي ئي اهو واضح ڪيو هو ته هو مارشل لا نٿو چاهي ۽ آئين جي تحت ملڪ هلائڻ چاهي ٿو، ان ڪري هن ڪجهه وقت جي لاءِ 1972 جو عبوري آئين به ڏنو هو.  وڏي وزير چيو ته آئين ٺاهڻ لاءِ جيڪا 29 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي هئي مان ان جو مميبر هيس ۽ مان به 1973 واري آئين تي صحيح ڪرڻ وارن ۾ شامل هئس. هن چيو ته اسان جو آئين ڀارت کان بهتر آهي، هن ۾ اختيار هيٺئين سطح تي صوبن  ۾ ورهايا ويا آهن، هي آئين اسلامي به آهي ته جمهوري به آهي، وفاقي به آهي ته پارلياماني به آهي، اهڙو آئين تمام گهٽ ملڪن ۾ آهي. هن چيو ته 1973 جي آئين ۾ صوبائي خودمختياري ڏني وئي پر بعد ۾ آصف علي زرداري 18هين ترميم جي ذريعي ان خود مختياري ۾ واڌارو ڪيو. هن چيو ته 2008ع ۾ ماڻهن اسان تي الزام هنيو ته اسان جي وزيرن فوجي آمر پرويز مشرف کان حلف ڇو ورتو، اها آصف علي زرداري جي حڪمت عملي هئي ته هن پرويز مشرف کي ملڪ مان ڪڍيو. آصف علي زرداري چوندو هو ته اسيمبليون ۽ حڪومت قائم ٿي وڃي ته پرويز مشرف 6 مهينا به نه رهندو. هن چيو ته 1973 جي آئين ۾ بنيادي حقن جي ضمانت ڏني وئي آهي، امير ۽ غريب ۾ ڪو به فرق نه رکيو ويو آهي، سڀني کي برابري جي بنياد تي موقعا فراهم ڪيا ويا آهن ۽ سڀني سان برابري جي سلوڪ جي ضمانت ڏني وئي آهي. هن چيو ته شهيد ڀٽو کان وٺي اڄ تائين ان آئين تي عمل ٿي رهيو آهي، آمرن ان آئين کي معطل ڪيو ۽ اسان ان کي بحال ڪرائڻ لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي. هن چيو ته آئين جي تحفظ خاطر سڀ کان وڌيڪ قرباني شهيد ڀٽو ڏني. هن چيو ته آئين تي عمل در آمد ڪندي شهيد محترمه بينظير ڀٽو (روزگار سڀني جي لاءِ)  جو نعرو لڳايو، عدالت ۾ ان جي خلاف ڪيس داخل ٿيو، جج هن کان پڇيو ته ڇا توهان ماڻهن کي روزگار ڏنو آهي ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو چيو ته هن کي ٻيهر موقعو مليو ته هو ٻيهر روزگار ڏيندي. هن چيو ته آئين جي مطابق ئي ملڪ هلندو آهي، عدليا به آئين جي تحت ئي ڪم ڪري رهي آهي ۽ فوجي آمر به پنهنجي اقتدار جي لاءِ عدليا سان رجوع ڪندا آهن. هن چيو ته اسان آئين جو احترام ڪيون ٿا ۽ ڪندا رهنداسين ۽ ان تي عمل ڪيون ٿا ۽ ڪندا رهنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *