صحت جِي وزير طرفان نمرتا واقعي جي ڊي اين اي رپورٽ اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ اسيمبيل جو اجلاس جمعي تي اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ مقرر وقت بدران ڏيڍ ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو دعا جي وقفي دوران سيد عبدالرشيد شڪايت ڪئي ته لياري ۾ ٻيهر ڀتو ڪلچر شروع ٿي ويو آهي جنهنکي روڪڻ ضروري آهي خرم شيرزمان چيوت ه نئونڪوٽ ۾ ظلم جي حد ٿي وئي آهي مفتي قاسم فخري گهر ڪئي ته نئون ڪوٽ واقعي ۾ ملوث جوابدارنکي سخت سزا ڏني وڃي ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو صورتهال تي بيان ڏيندي چيو ته پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي ۾شاگردياڻي جي معاملي تي حڪومت ايڪشن وٺي رهي بدقسمتي سان اسان جي معاشري ۾ عورت محفوظ نه آهي ۽ عورتن کي حراسان ڪيو وڇي ٿو هن چيو ته نوابشاهه واقعي جي ايف آئي آر ٿيندي چاندڪا ميڊيڪل ڪاليج شاگردياڻي جي هڪ واقعي جي جڊيشل انڪوائري مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ ڊي اين اي جا نمونا اماڻيا ويا آهن صوبائي وزير شهلا رضا چيو ته نئون ڪوٽ واقعي جي حوالي سان چيو ته اهڙن واقعن تي اپوزيشن جو تعاون گهرجي هن چيو ته نئون ڪوٽ واقعي ۾ نياڻين سان زيادتي ثابت ٿي آهي ۽ هن واقعي ۾ گرفتاريون به ٿيون آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *