صحت بابت عالمي اداري بلوچستان ۾ پوليو مهم معطل ڪري ڇڏي

ڪوئيٽا (بيورو) صحت بابت عالمي اداري بلوچستان ۾ گهر گهر وڃي پوليو کان بچاءَ جا ڦــُڙا پيئارڻ واري مهم معطل ڪري ڇڏي، جڏهن ته پشاور ۾ 12 هزار کان وڌيڪ والدين ٻارن کي پوليو جا ڦــُڙا پيئارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. صحت بابت عالمي اداري گذريل ڏينهن ڪوئيٽا ۾ چئن پوليو رضاڪارن جي قتل بعد سڄي بلوچستان ۾ گهر گهر وڃي پوليو کان بچاءَ جا ڦــُڙا پيئارڻ واري مهم معطل ڪئي آهي. عالمي اداري پوليو مهم معطل ڪرڻ بابت صوبائي حڪومت کي به آگاهه ڪري ڇڏيوآهي. بلوچستان حڪومت طرفان سرڪاري اسپتالن ۽ پوليو مرڪزن ۾ ٻارن جي ڦــُڙا بدستور پيئاريا ويندا پر گهر گهر مهم سڪيورٽي خدشن سبب معطل ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف خيبر پختون خواهه جي صحت کاتي پوليو مهم بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، جنهن موجب پشاور شهر ۾ 12 هزار 224 والدين ٻارن کي ڦــُڙا پيئارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. حساس يونين ڪائونسل شاهين مسلم ٽائون ۾ 344 جڏهن ته يونين ڪائونسل مٿرا ۾ 499 والدين ٻارن کي ڦــُڙا پيئارڻ جي اجازت نه ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *