صحافين جي وفد جي سڌ سماءَ جي وزير سان ملاقات، مسئلن بابت آگاهي، هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)   سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سموري صوبي جي صحافين جي ڀلائي ۽ سندن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ۽ پارٽي جي اعليٰ قيادت سدائين ڪردار ادا ڪيوآهي. پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس ۽ ٻين صحافي تنظيمن سان اسان جا سدائين دوستاڻا تعلق رهيا  آهن ۽ اڳتي به اسان جي اها ڪوشش هوندي ته صحافين جي حوالي سان سمورا انتظام ڪيا ويندا، جنهن سان انهن کي ڪنهن به قسم جي مشڪل کي منهن نه ڏسڻو پوي. سنڌ حڪومت ۽ اطلاعات کاتي سنڌ طرفان سموري سنڌ جي صحافين کي هر ممڪن سهولتن جي فراهمي کي اسان پنهنجو فرض سمجهون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي سيڪريٽري جنرل امين يوسف جي اڳواڻي ۾ آيل 5 رڪني وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي سنڌ اطلاعات کاتي جو سيڪريٽري ڊاڪٽر ذوالفقارعلي شالواڻي، ڊائريڪٽر پريس انفارميشن سنڌ محمد يوسف ڪابورو، صحافين جي وفد ۾ پي ايف يو جي جي ايف اي سي جي ميمبر مشتاق سرڪي، اڳوڻو صدر ڪي يو جي ساجد وزير، ارشد صديقي ۽ حريم سومرو موجود هئا. ملاقات ۾ پي ايف يو جي جي سيڪريٽري جنرل امين يوسف ايندڙ مهيني ڪراچي ۾ رٿيل پي ايف يو جي تحت ايشيا جي سڀ کان پهرين ميڊيا ڪانفرنس جو ڪراچي ۾ ڪرائڻ جي حوالي سان صوبائي وزير کي آگاهه ڪيو ۽ ان ڪانفرنس جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صوبائي وزير وفد کي يقين ڏياريو ته سنڌ اطلاعات کاتو ان حوالي سان مڪمل طور تي انهن سان گڏ آهي ۽ ان ڪانفرنس سميت صحافين جي حوالي سان جيڪي انتظام ڪيا ويندا انهن ۾ اسان  پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا سين. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو منشور آزاد صحافت آهي ۽ اسان جي باني چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد چيئرپرسن محترمه بينظير ڀٽو صاحبه کانپوءِ اسانجي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻو صدر پاڪستان آصف علي زرداري طرفان ان سلسلي ۾ واضح موقف آهي ته هن ملڪ ۾ ميڊيا جي آزادي کي ڪوبه روڪي نه ٿو سگهي. هن چيو ته ماضي ۾ به پيپلز پارٽي ۽ ان جي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن صحافت جي آزادي لاءِ ڪيل جدوجهد ۾ پهرين دستي جو ڪردار ادا ڪيو ۽ هاڻي به اسان صحافين جي فلاح ۽ بهبود ۾ پوئتي نه رهندا سين. ان موقعي تي امين يوسف ۽ وفد جي ٻين ميمبرن صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ طرفان صحافين لاءِ ڪيل ڪاوشن کي ساراهيو۽ اهو چيو ته هن ملڪ ۾ جمهوريت جي بقاءَ ۽ سلامتي لاءِ جهڙيءَ طرح ماضي ۾صحافين سياسي جماعتن خاص طور تي پاڪستان پيپلز پارٽي سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي پنهنجو ڪردار ادا ڪيوآهي ۽ هاڻي به ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *