
ڪراچي (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت صحافين جي تحفظ لاءِ قانونسازي ڪري رهي آهي ايندڙ سال صحافين جي تحفظ جو بل ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو جمعي تي مريم اورنگزيب سي پي اين اِي جي پروگرام ميٽ دي ايڊيٽرز کي خطاب ڪندي چيو ته پرنٽ ميڊيا اڄ تائين ذميواراڻو ڪردار ادا ڪيو آهي هن چيو ته دنيا جي گهٽ ملڪن ۾ صحافين جي تحفظ لاءِ قانون موجود آهي موجوده حڪومت صحافين جي تحفظ لاءِ قانون جوڙي رهي آهي هن چيو ته ايندڙ سال صحافين جي تحفظ جو بل ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو هن چيو ته صحافين جي اداري وار تربيت تي ڌيان ڏيئي رهيا آهيون هن چيو ته وزيراعظم صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿو صحافت جي آزادي ۾ ذميواري جي حد اسان خود مقرر ڪنداسين هن چيو ته پريس ڪائونسل آف پاڪستان کي به فعال ادارو بڻائينداسين هن چيو ته صحافت جي آزادي ۾ قانون تي به عمل درامد ضروري آهي. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ به ايڊيٽوريل ڪميٽي بحال ٿيڻ ضروري آهي. هن چيو ته آزاد ميڊيا سول سوسائٽي جي عڪاسي ڪري ٿي.