صحافتي تنطيمن ميڊيا ڊيولپمينٽ آرڊيننس رد ڪري ڇڏيو، ميڊيا جي آزادي تي حملو قرار

ڪراچي (اين اين آءِ) صحافين جي نمائنده تنظيمن وفاقي حڪومت جي نئين ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي آرڊيننس کي رد ڪري ڇڏيو صحافين جي تنظيمن آرڊيننس کي صحافت جي آزادي تي حملو، غيرآئيني ۽ ڊريڪونين قانون قرار ڏيندي هر سطح تي ان جي خلاف مذاهمت ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو اي پي اين ايس، پي بي اي، سي پي اين اي، پي ايف يو جي، جي دستوري ۽ برنا گروپس ۽ ايمنڊ جي گڏيل اجلاس ۾ قرار ڏنو ويو ته نئون آرڊيننس ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش آهي آرڊيننس جي خلاف زندگي جي سمورن شعبن کان حمايت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي اهڙي آرڊيننس جي جمهوري معاشرن ۾ جڳهه نه آهي گڏيل اجلاس ۾ گڏيل راءِ هئي ته نئين پي اين بي اي جو مقصد ميڊيا جي آزادي کي روڪڻ ۽ اعليٰ انفارميشن بيورو ڪريسي جي ذريعي ميڊيا تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ آهي هي تصور ان حقيقت کي نطرانداز ڪندي هڪ سخت اختيار جي ذريعي ميڊيا تي حڪومت جي گرفت کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش آهي ته پرنٽ، ڊجيٽل ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جون پنهنجون ڌار ڌار خاصيتون آهن جن جو پنهنجون پنهنجون خاصيتون ۽ لاڳاپيل ريگيوليٽري قانون آهن. هي قدم ايون خان دور جي خراب پريس اينڊ پبليڪيشن آرڊيننس 1963 (پي پي او) ۾ توسيع ۽ آزاد ميڊيا کي سنڀالڻ لاءِ ريجمينٽل قلمن سان سمورن ميديا پليٽ فارمن ۾ توسيع طور ظاهر ٿئي ٿو گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته جمهوري طور تي چونڊيل تقسيم ۾ ان جو ڪوئي مقام نه اهي گڏيل اجلاس ۾ ميڊيا تي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ ماڻهن جي ڄاڻڻ واري حق کي گهٽائڻ جي ان ظالماڻي ڪوشش جي خلاف عوام کي آگاهه ڪرڻ لاءِ قانوني سطح، احتجاجي قدمن ۽ اشتهاري مهم سميت هر سطح تي پي اين ڊي اي جي قيام جي خلاف مزاحمت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي اجلاس ۾ وڌيڪ قدمن جو فيصلو ڪرڻ لاءِ اي پي اين ايس، پي بي اي، سي پي اين اي، پي ايف يو جي ۽ ايم اِي اي  ڊي جي گڏيل ايڪشن ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ميڊيا تي تازي حملي جي مخالفت ڪرڻ لاءِ سياسي پارٽين، بار ايسوسيئيشنز، انساني حقن واري تنظيمن ۽ سول سوسائٽي جي ٻين طبقن کان تعاون وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ وفاقي حڪومت کي تجويزون پيش ڪري ته هو بنا دير ان تجويز کي واپس وٺي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *