صبر جو امتحان ورتو پيو وڃي، جي آءِ ٽي ۽ پي ٽي آءِ جو احتساب ڪير به قبول نه ڪندو: وزيراعظم

دير ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته اسان تي ڪرپشن جو ڪو به داغ ناهي، جي آءِ ٽي ۽ پي ٽي آءِ جو احتساب ڪير به قبول نه ڪندو. دير ۾ لواري ٽنل جي افتتاح کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته جي آءِ ٽي ميمبر فرشتن وانگر صادق ۽ امين بڻجي ويٺل آهن. هن چيو ته  روز ننڊ مان اٿي استعيفيٰ جي خيرات گهرندڙن کي شرم اچڻ گهرجي، ڇا اسان سندن ووٽن سان اقتدار حاصل ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته منهنجي صبر جو امتحان نه ورتو وڃي، هاڻي تماشو بند ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم نواز شريف چيو ته اسان جو احتساب نه پر استحصال ٿي رهيو آهي، مان کي پاڻ کي خبر ناهي ته ڇا جو احتساب ٿي رهيو آهي؟ هن چيو ته ان نواز شريف جي احتساب جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن جيڪو اوندهه ختم ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته 49 هزار پائونڊ ڦريندڙن جو سرعام احتساب ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم نواز شريف چيو ته 2013 ۽ 2017ع جي پاڪستان ۾ ڪيترو فرق آهي. هن چيو ته ڇا مان ٽمبر، وڻن ۽ سنگ مرمر جا ٺيڪ حاصل ڪيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *