صادق فقير جو اوچتو وڇوڙو ڪنهن صدمي کان گهٽ نه آهي:شرميلا فاروقي

ڪراچي(رپورٽر) وزيراعليٰ سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت بابت معاون خصوصي شرميلا فاروقي استاد صادق فقير جو مڪي مديني ۾ ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته صادق فقير جو اوچتو دنيا کي ڇڏڻ ڪنهن صدم
ي کان گهٽ نه آهي. هو هڪ قابل فنڪار هجڻ سان گڏ سٺو استاد به هو. ان جي وڃڻ سان سنڌ هڪ عظيم فنڪار کان محروم ٿي وئي آهي شايد ان جي وفات سان پيدا ٿيل خال ڪڏهن ڀرجي نه سگهي. اهو سنڌ جي ڪلاسيڪل موسيقي لاءِ وڏو سانحو آهي. شرميلا فاروقي وڌيڪ چيو ته ثقافت کاتو ۽ سنڌ حڪومت هر ممڪن مدد لاءِ تيار آهي. الله تعاليٰ مرحوم جي گهرواري ۽ سالي کي جلد صحتيابي ڏئي جيڪي ان حادثي ۾ ساڻس گڏ هئا ۽ اسپتال ۾ داخل آهن. هن چيو ته وزيراعليٰ سنڌ سان ڳالهائينديس ته مرحوم کي پرائڊ آف پرفارمنس ايوارڊ سان نوازيو وڃي. شرميلا فاروقي مرحوم صادق فقير جي مغفرت ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ لاءِ دعا ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *