
اسلام آباد (اين اين آءِ) چيئرمين سينيٽ محمد صادق سنجراڻي سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ملاقات ڪئي ٻنهي اڳواڻن ڪشمير جي مسئلي کي بين الاقوامي سطح تي اٿارڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪشمير جي موجوده صورتحال جي حوالي سان عالمي برادري کي آگاهه ڪرڻ ۽ ڪشمرين تي ڀارتي ظلمن جي خلاف بين االاقوامي سطح تي عام راءِ هموار ڪرڻ لا3 پارليامينٽ جا گڏيل وفد موڪليا ويندا جنهن ۾ ٻنهي ايوانن جي ميمبرن ۽ ڪشميرين جا نمائندا شامل هوندا ان ڏس ۾ پرڏيهي وزارت ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستان جا سفارتخانا وفد جي پرڏيهي پارليامينٽ ميمبر پارليماني تنظيمن ۽ هيومن رائٽس جي ادارن سان ملاقات جو پروگرام جوڙيندا.