صادق سنجراڻي خلاف فوري ٺهراءُ آڻڻ تي اتفاق، 25 جولائي تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر جي رهبر ڪميٽي 9 جولاءِ تي سينيٽ چيئرمين جي خلاف ٺهراءُ آڻڻ ۽ 11 جولاءِ تي نئين چيئرمين جي گڏيل اميدوار جي نالي جي اعلان جو فيصلو ڪيو آهي. تفصيل موجب حڪومت مخالف احتجاجي تحريڪ هلائڻ جي حوالي سان مخالف ڌر جي 9 سياسي پارٽين جي  ميمبرن تي ٻڌل رهبر ڪميٽي جو پهريون اجلاس ٿيو. رهبر ڪميٽي جي سمورن ميمبرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ن ليگ مان شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، پيپلز پارٽي مان فرحت الله بابر، نيئر بخاري، جمعيت علماءِ اسلام (ف) مان اڪرم خان دراني، نيشنل پارٽي مان مير حاصل بزنجو، اي اين پي مان ميان افتخار، پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي مان عثمان ڪاڪڙ، قومي وطن پارٽي مان هاشر بابر، جمعيت علماءِ اسلام مان اويس نوراني ۽ مرڪزي جمعيت الحديث مان شيفق پسروري شرڪت ڪئي. رهبر ڪميٽي اجلاس کان پوءِ مخالف ڌر اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهيون ڪيون، جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻ اڪرم دراني چيو ته رهبر ڪميٽي هر 2 مهينن جي لاءِ الڳ ڪنوينر مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ پهرين ٻن مهينن جي لاءِ مون کي ڪنوينر مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته رهبر ڪميٽي جو ايندڙ اجلاس 11 جولاءِ تي ٿيندو ۽ 25 جولاءِ تي ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو. اڪرم دراني چيو ته 9 جولاءِ تي سينيٽ چيئرمين جي خلاف ٺهراءُ جمع ڪرايو ويندو، 11 جولاءِ تي سينيٽ چيئرمين جي لاءِ گڏيل اميدوار جي نالي جو اعلان ڪيو ويندو، 25 جولاءِ تي صوبائي سطح تي جلسا ڪيا ويندا. اڪرم دراني جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ نئون سياسي ڍانچو جوڙڻ تي ڪميٽي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، جمهوري ماڻهن کي سياست کان رکڻ جي مذمت ڪيون ٿا، اڳوڻي فاٽا ۾ پولنگ اسٽيشن جي اندر فوجي بيهارڻ جي فيصلي کي رد ڪيون ٿا، قبيلائي علائقن ۾ فوج جي  مقرري جو نوٽيفڪيشن رد ڪيو وڃي، اڳوڻي فاٽا جي ٻن ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا وڃن جڏهن ته سموريون سياسي پارٽيون گهوٽڪي جي ننڍي چونڊ ۾ پيپلز پارٽي جي حمايت جو اعلان ڪن ٿيون. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو ته رهبر ڪميٽي اي پي سي جي فيصلن تي عملدرآمد ڪري رهي آهي، سينيٽ، قومي اسيمبلي نه هلندي ته حق آهي ته عوام کي تبديلي ڏيکاريون ۽ حق کان عمران خان يا ڪو به اسپيڪر محروم نٿو ڪري سگهي، سينيٽ چيئرمين جي تبديلي احتجاج جو هڪ طريقو آهي. ٻئي پاسي مخالف ڌر جي رهبر ڪميٽي فاٽا ۾ 20 جولاءِ تي ٿيندڙ چونڊون آرمي جي نگراني هيٺ ڪرائڻ جي خلاف چيف اليڪشن ڪميشن جي نالي تي خط لکي ڇڏيو جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن پولنگ اسٽيشنز جي اندر فوج جي مقرري جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *