صادق سنجراڻي جي ڪاميابي جي لاءِ هر سياسي، جمهوري ۽ قانوني حربا استعمال ڪنداسين: شبلي فراز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته صادق سنجراڻي جي ڪاميابي جي لاءِ هر سياسي، جمهوري ۽ قانوني حربا استعمال ڪنداسين. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شبلي فراز چيو ته سينيٽ چيئرمين جي حڪومتي اميدوار صادق سنجراڻي جي ڪاميابي جي لاءِ هر سياسي، جمهوري ۽ قانوني حربا استمال ڪنداسين. مخالف ڌر وڪري ۽ خريداري سميت سموريون غير قانوني ۽ غير اخلاقي سازشون استعمال ڪري جمهوريت کي نقصان پئي رسائي. عمران خان غير قانوني ۽ غير جمهوري سازشن جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيل آهي. سينيٽ چيئرمين جي لاءِ حڪومت صادق سنجراڻي کي پنهنجو اميدوار بڻايو آهي جڏهن ته پي ڊي ايم طرفان يوسف رضا گيلاني ميدان ۾ لهندو، ڊپٽي چيئرمين جي لاءِ هن وقت ٻنهي طرفان ڪنهن اميدوار جو اعلان ناهي ڪيو ويو. سينيٽ چيئرمين جون چونڊون 12 مارچ تي ٿينديون، وڏي ايوان ۾ عددي لحاظ سان مخالف ڌر کي حڪومت تي معمولي برتري حاصل آهي، ان ڪري حڪومت ۽ مخالف ڌر طرفان سينيٽ ۾ نمائدنيگ رکندڙ پارٽين سان مسلسل رابطا ٿي رهيا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *