شھباز شريف جو پيغام مليو، جيڪڏھن وزيراعظم اچي تھ ھو اجلاس ۾ نھ ايندو: فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آھي ته وزيراعظم قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ اچي رھيو ھو، پر اپوزيشن ليڊر شھباز شريف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي پيغام مليو ته جيڪڏھن وزيراعظم آيو ته ھو اجلاس ۾ نھ ايندو، نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ھن چيو ته اسان جي دعا ۽ ڪوشش آھي تھ افغانستان ۾ پرامن حڪومت قائم ٿئي، اسان ڪوشش ڪيون پيا تھ افغانستان ۾ ڳالھيون ٿين، ھن چيو ته طالبان جو حڪومت ۾ اچڻ آسان نه ھوندو، اسان چاھيون ٿا ته افغان طالبان ۽ غني حڪومت ۾ ڳالھيون ٿين، 30 لک افغاني پاڪستان ۾ موجود آھن، وڌيڪ اچي ويا ته معاشي بار وڌي ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *