
سائوٿموپٽن (اسپورٽس نيوز) ورلڊ ڪپ 2019 جي رائونڊ ميچ ۾ بنگلاديش جي ٽيم افغانستان کي 62 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.عالمي ڪپ جي مجموعي طور 31هين ميچ سائوٿموپٽن ۾ کيڏي وئي، جنهن ۾ بنگلاديش /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 03
جي ٽيم ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 262 رنسون ٺاهيون.مشفق الرحيم 83 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته شڪيب الحسن 51، تميم اقبال 36، مصدق حسين 35، محمود الله 27 ۽ لٽن داس 16 رنسون ٺاهيون.افغانستان طرفان مجيب الرحمان 3، گلبدين نائب 2، جڏهن ته داولت زدران ۽ محمد نبي هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.جواب ۾ افغانستان جي ٽيم 47 اوورن ۾ 200 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.سميع الله شنواري 49 ۽ ڪپتان گلبدين نائب 47 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيا. ٻين رانديگرن ۾ رحمت شاهه 24، نجيب الله زدران 23، اصغر افغان 20، حشمت الله شاهدي ۽ اڪرام علي خل ترتيب وار 11-11 رنسون ٺاهيون.بنگلاديش طرفان شڪيب الحسن بهترين بالنگ ڪرائيندي 5 شڪار ڪيا، جڏهن ته مستفيض الرحمان 2، محمد صيف الدين ۽ مصدق حسين هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.شڪيب الحسن کي بهترين آل رائونڊ ڪارڪردگي تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.