شڪر آهي عوامي عدالت ۾ سرخرو ٿيس، احتساب جي نالي انتقام جو جواب عوام ڏئي ڇڏيو: نواز شريف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته الله جو شڪر گذار آهيان جنهن عوامي عدالت ۾ سرخرو ڪيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ پنجاب هائوس اسلام آباد ۾ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ مريم نواز، طلال چوڌري، طارق فضل چوڌري، امير مقام، پرويز رشيد، مريم اورنگزيب، طارق فاطمي، مصدق ملڪ، آصف ڪرماني، بليخ الرحمان ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ سينيٽ جي چونڊن تي ڳالهيون ڪيون ويون. اجلاس ۾ مسلم ليگ ن اڳواڻن لوڌران ۾ ڪاميابي تي نواز شريف کي مبارڪباد پيش ڪئي. نواز شريف ڳالهائيندي چيو ته عوامي عدالت فيصلو ڏنو آهي ته ڪير اهل آهي ڪير نااهل آهي. هن چيو ته منهنجو خلاف فيصلو ڏيندڙن کي عوامي عدالت جا فيصلا ڏسڻ گهرجن. سندس چوڻ هو ته عوام هاڻي پاڻ انصاف ڪري رهيو آهي، سڀني سازشن جو جواب عوامي عدالت مان اچي رهيو آهي، نوازشن عوام لاڏلي کي شڪست ڏني. نواز شريف چيو ته ليگي ڪارڪن ۽ اڳواڻ چونڊن جي ڀرپور تياري ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *