شڪتي ڪپور جي ڌيءُ هجڻ تي فخر آهي، منهنجي والد شڪتي ڪپور جون فلمون دنيا جي لاءِ خدمت آهن:شرڌا ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا شرڌا ڪپور چيو آهي ته شڪتي ڪپور جي ڌيءُ هجڻ تي فخر آهي، اداڪارا شرڌا ڪپور خاص ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته منهنجي والد شڪتي ڪپور جون فلمون دنيا جي لاءِ خدمت آهن، هن چيو ته منهنجو والد ئي منهنجو آئيڊيل آهي، پنهنجي والد جون فلمون ڏسي ڏسي وڏي ٿي آهيان، هن چيو ته مون کي پنهنجي پيءُ جي اداڪاريءَ واريون صلاحيتون ڏسي سندن ڌيءُ هجڻ تي فخر آهي. واضح رهي ته شڪتي ڪپور پنهنجي ڪيريئر جي ٽِن ڏهاڪن ۾ 500 کان وڌيڪ فملن ۾ ڪم ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *