شڪارپور (ڊ.ر) لکي غلام شاهه ويجهو مڱڻيجا، جوڻيجا ۽ ڪلهوڙا برادري جي ٽن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙي دوران فائرنگ ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا، پوليس واقعي واري هنڌ نه پهچڻ سبب ڌرين ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي. جوڻيجن جي وانڍ واري علائقي ۾ هٿيار بندن فائرنگ ڪري مڱڻيجا برادري جي چڱي مڙس غلام قادر ۽ ظهير مڱڻيجو کي قتل ڪري ڇڏيو. ٻن ڄڻن جي قتل کانپوءِ ڌرين هڪ ٻئي تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ چار ڄڻا نظام الدين جوڻيجو ۽ هدايت الله مڱڻيجو سميت مارجي ويا. جهيڙي دوران ڌرين ۾ فائرنگ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته پوليس نه پهچڻ سبب مارجي ويلن جا لاش واقعي واري هنڌ پيل آهن. 2 سال اڳ ٽنهي ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان شروع ٿيل جهيڙو هيل تائين 15 انساني حياتيون ڳڙڪائي چڪو آهي، پر پوليس تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار ناهي.