شڪارپور شهيدن جي وارثن ۽ شهداءَ ڪاميٽي طرفان 50 گاڏين جو قافلو ڪراچي روانو

شڪارپور (ڊ.ر) شڪارپور امام بارگاهه ۾ ٿيل خودڪش ڌماڪي کان پوءِ شهيدن جي وارثن طرفان جوڙيل شهداءِ ڪاميٽي طرفان شڪارپور ضلعي ۾ دهشتگردن خلاف فوجي آپريشن سميت پنهنجي ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ اعلانيل لانگ مارچ جي حوالي سان 50 کان وڌيڪ گاڏين تي مشتمل ڪراچي لاءِ روانو ٿي ويو آهي، ان سلسلي ۾ شڪارپور جي مرڪزي امام بارگاهه ڪربلا کان منجهند ڌاري شهداءِ ڪاميٽي جي چيئرمين علامه مقصود ڊومڪي ۽ مجلس وحدت المسلمين جي مرڪزي اڳواڻ امين مشهدي جي اڳواڻي ۾ 50 کان وڌيڪ گاڏين جن ۾ ڪوسٽر، بسون، ويگنون، مزدا ۽ ڪاريون شامل آهن وارو قافلو روانو ٿيو، قافلي ۾ سانحي ۾ شهيد ٿيلن جي وارث عورتون ۽ ٻارڙا به شامل هئا. قافلي ۾ شڪارپور شهر کان سواءِ خانپور، ڳڙهي ياسين، مدئجي، ڊکڻ، لکي غلام شاهه سميت ڀرپاسي جي علائقن جا ماڻهو به شامل آهن، هوڏانهن لانگ مارچ جي روانگي کان اڳ ۾ شهداءِ ڪاميٽي جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ٻه هفتن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو پر اڃان تائين دهشتگردن ۽ انهن جي ساٿارين خلاف انتظاميه ڪا به ڪاروائي نه ڪئي صرف وڏي وزير سميت سنڌ جون اعلي اختياريون ٺلها آسرا ۽ دلاسا ڏيندا رهيا هنن چيو ته اسان شڪارپور ضلعي ۾ فوج ذريعي آپريشن ڪرائڻ جي لاءِ ئي هي لانگ مارچ ڪري ڪراچي وڃي رهيا آهيون ۽ سي ايم هائوس آڏو تيسيتائين ڌرڻو هڻنداسين جيسيتائين فوج ذريعي آپريشن نه ٿيندو هنن چيو ته شڪارپور هن وقت دهشتگردن جو ڳڙهه بڻجي ويو آهي ۽ اسين هتي غيرمحفوظ آهيون ۽ ڪنهن وقت به ڪو ٻيو واقعو ٿي سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *