ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته شڪارپور سانحي جهڙو واقعو صوبي ۾ ڪڏهن به نه ٿيو آهي، واقعي تي تمام گهڻو افسوس آهي، دهشتگردي خلاف ڀرپور ڪارروائيون ڪنداسين، ڌرڻو ختم ڪرڻ تي شهداءِ شڪارپور ڪاميٽي جو ٿورائتو آهيان ۽ جيڪي 20 نڪتا پيش ڪيا ويا آهن، انهن تي عمل ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن چيف منسٽر هائوس ۾ شهداءِ ڪاميٽي جي ميمبرن علامه مقصود علي ڊومڪي ۽ علامه المجيد بهشتي سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته دهشت گرد سڄي ملڪ ۾ بزدلاڻا حملا ڪري رهيا آهن، پر وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جو فوج سان گڏجي دهشتگردن جي خاتمي جو عزم ڪيل آهي. هن چيو ته شڪارپور سانحي بعد سنڌ حڪومت پاران متاثرن لاءِ ڀرپور امدادي ڪارروائيون ڪيون ويون ۽ شهداءِ ڪاميٽي پاران پيش ڪيل 20 نڪتن تي عمل ڪيو ويندو ۽ شڪارپور سوڌو سڄي صوبي ۾ جتي به دهشتگردن جون پناهه گاهون هونديون، انهن کي ختم ڪيو ويندو. سيد قائم علي شاه چيو ته محبت ،ڀائپي ۽ ڳالهين سان سڀ معاملا حل ٿي ويندا آهن. شهداءِ ڪاميٽي جي اڳواڻ علامه مقصود علي ڊومڪي چيو ته شڪارپور سانحي بعد ڪيل مارچ دهشتگردن خلاف هو ۽ امن لاءِ هو. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ڪامياب ڳالهين بعد ڪراچي نمائش چورنگي ۾ جاري ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيون ٿا. هن چيو ته اميد آهي ته سنڌ حڪومت شهيدن جي وارثن کي هڪ – هڪ نوڪري ڏيڻ جو واعدو پاڙيندي ۽ 20 نڪتن تي عمل ڪندي. ان موقعي تي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ گڏيل طور تي منظور ڪيل 20 نڪتا پڙهي ٻڌايا جن ۾ سڄيءَ سنڌ ۾ خاص طور تي شڪارپور ضلعي ۾ ايپيڪس ڪاميٽي جي نگراني هيٺ پاڪ رينجرز ۽ پوليس جو گڏيل آپريشن ڪيو ويندو، دهشتگردن جي مدد ڪندڙ سڀني مرڪزن ۽ مدرسن خلاف آپريشن ڪيو ويندو، شڪارپور سانحي جي ايف آءِ آر سان گڏائي دهشتگردن کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويندو. شڪارپور سانحي جو ڪيس فوجي عدالت ۾ موڪليو ويندو، شڪارپور سانحي جي جي آءِ ٽي جوڙي ويندي ۽ انڪوائري جا تفصيل شهداءِ ڪاميٽي سان شيئر ڪيا ويندا. ان کان علاوه ٻيا نڪتا پن شامل آهن.