شڪارپور سانحي جي شهيدن جو ٽيجو، آهن ۽ سسڪين سان تڏا کنيا ويا احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا جاري

شڪارپور/ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) شڪارپور امام بارگاهه ۾ ٿيل بم ڌماڪي ۾ 61 کان وڌيڪ شهيدن جو ڪالهه ٽيجهو ٿيو، شهر جي مختلف علائقن خانچندآباد، هڪڙا محلا، سويدر محلا، حيدري محلا، ميهر شاهه قبو، لکيدر، هاٿيدر، داودائي روڊ، نبي شاهه محلا، قلعه قافلا، جماڻي هال، واڳڻو در، اسٽورٽ گنج، ڪڙي نواب خان سميت شهر جي مختلف محلن کان سواءِ ڳوٺ کيڏو جعفري، ماڙي شريف، خانپور، ڳوٺ محمد خان ٻرڙو سميت ٻين هنڌن تي رکيل شهيدن جا رکيل تڏا کنيا ويا ۽ ٽيجهي جو دعائون گهريون ويون، شڪارپور جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو شڪارپور ۾ هڪ ئي ڏينهن گڏيل طور تي مختلف محلن ۽ علائقن مان 60 کان وڌيڪ تڏا کڻڻ تي هر طرف آنهون ۽ دانهون پئجي ويون ۽ شهيدن جا تڏا کڻڻ وقت عجيب ۽ تمام ڏکائيندڙ منظر هئا، هر گهر ۾ قيامت برپا هئي جيڪا گذريل 3 ڏينهن کان متل آهي، ٻئي طرف ڪالهه ٽئين ڏينهن به شڪارپور جو سمورو شهر سوڳ ۾ بند رهيو، شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز ۽ بازارون بند رهيا، جڏهن ته مختلف تنظيمن جن ۾ ايس يو پي، شڪارپور جي نوجوانن ۽ سول سوسائٽي سان تعلق رکندڙ ماڻهن واقعي خلاف احتجاجي ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا ويا، هوڏانهن شڪارپور واقعي جي ٽئين ڏينهن تي شڪارپور پوليس طرفان باضابطه طور تي دهشتگردن خلاف ڪاروائي شروع ڪئي آهي جنهن ۾ ايس ايس پي ثاقب اسماعيل ميمڻ جي اڳواڻيءَ ۾ شڪارپور شهر توڙي ٻين هنڌن تي ڇاپا هڻي شڪ جي بنياد تي 10 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس گرفتار ٿيلن کي نامعلوم هنڌ رکي پڇاڳاڇا وارو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي، ٻڌايو وڃي پيو ته شڪ جي بنياد تي  گرفتار ڪيل ماڻهن کان سنڌ حڪومت طرفان واقعي جي جاچ لاءِ جوڙيل سي آءِ ڊي ٽيم جي عملدارن آڏو پيش ڪيو ويو آهي. شڪارپور سانحي جي شهيدن جو ٽيجهو ملهايو ويو، شڪارپور جي لکيدر چوڪ تي لڳل ڌرڻو جاري آهي، جڏهن ته شهر جو سمورو ڪاروبار بند آهي، پوليس ڌماڪي جي جاچ ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ڪري سگهي. شڪاپور سانحي ۾ شهيد ٿيلن جو ٽيجهو ملهايو ويو، قرآن خوانين ۽ خصوصي دعائن جو اهتمام ڪيو ويو. شڪارپور جي لکيدر چوڪ تي لڳل ڌرڻو علامه محمد امين شهيدي، علامه ناصر عباس، علامه عارف واجي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جاري آهي. شڪارپور ۾ ڪاروبار مڪمل طور تي بند آهي، پيٽرول پمپس، ٽرئفڪ ۽ تعليمي ادارا بند پيل آهن. ڌماڪي کانپوءِ شهر ۾ سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن، شهر جي اهم روڊ رستن تي پوليس سان گڏ رينجرز کي به مقرر ڪيو ويو آهي. . ٻئي طرف شڪارپور سانحي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻئي ڏينهن به هڙتال ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مختلف تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن. شيعا علماءُ ڪائونسل جي سڏ تي شڪارپور سانحي خلاف مختلف شهرن ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي. سانگهڙ ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ سانحي جي سوڳ ۾ ڪاروبار بند آهي، جڏهن ته مٽياري ضلعي جا ننڍا وڏا شهر پڻ بند آهن. شڪارپور ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ پڻ سوڳ جي لهر برقرار آهي، ڳڙهي ياسين سميت مختلف شهرن ۾ ڪاروبار مڪمل طور تي بند آهي. شيعا علماءُ ڪائونسل سميت مختلف تنظيمن پاران شڪارپور سانحي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن. حيدرآباد: شڪارپور سانحي خلاف ملڪ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون ۽ مظاهرا ڪيا ويا نوابشاهه ۾ شيعا علماءَ ڪائونسل مرتضيٰ امام بارگاهه موهني بازار مان ريلي ڪڍي ريلي ۾ شريڪ ماڻهو مختلف علائقن کان ٿيندا پريس ڪلب پتي جتي مظاهر ڪيو ويو، مظاهرين مطالبو ڪيو ته شڪارپور سانحي ۾ ملوث عنصرن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ٽنڊو محمد خان ۾ شيعا علماءَ ڪائونسل تحت پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو ويو سانگهڙ ۾ انجمن امام بارگاهه حيدري جي اپيل تي هڙتال ڪئي وئي لاڙڪاڻي ۾ شيعا علماءَ ڪائونسل ۽ مجلس وحدت المسلمين شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ جناح باغ ۾ قرآن خواني جو اهتمام ڪيو ڀڪر ۾ شڪارپور سانحي خلاف پاڪستان عوامي تحريڪ قصره زينبيه کان محمدي چوڪر تائين ريلي ڪڍي ريلي کي خطاب  ۾ رحيق عباسي چيو ته شڪارپور سانحي جي سخت مذمت ڪروين ٿا هن شڪارپور سانحي ۽ ماڊل ٽائون سانحي جي شهيدن سميت سمورن شهيدن جي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جو مطالبو ڪيو جڏهن ته حيدرآباد ۾ پڻ مختلف سياسي، سماجي تنظيمن پاران شڪارپور سانحي خلاف ريلي ڪڍي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *