شڪارپور جي مرڪزي امام بارگاهه ۾ خودڪش ڌماڪو، 61 نمازي شهيد، شهر جي هر گهٽيءَ ۾ ماتم برپا، قيامتِ صغريٰ جا منظر، 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان

اسلام آباد/ڪراچي/شڪارپور(نمائندن وٽان) شڪارپور ۾ جمعي جي نماز دوران امام بارگاهه ۾ بم ڌماڪو ٿيو آهي، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب شهر جي لکيدر واري علائقي ۾ قائم مرڪزي امام بارگاهه ڪربلا مولا ۾ جمعي جي نماز دوران زوردار بم ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ نماز ۾ شريڪ درزنين نمازي ٿڏي تي شهيد ٿي ويا جڏهن ته سوين ماڻهو زخمي ٿي پيا،  ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌڻ ۾ آيو، ڌماڪي بعد هر طرف افراتفري ڦهلجي وئي ۽ ڌماڪي جي آواز تي هزارين شهري امام بارگاهه پهتا جتي هنن  پنهنجي مدد پاڻ تحت زخمين توڙي لاشن کي کڻائي سول اسپتال آندو جڏهن ته سخت زخمين کي لاڙڪاڻي ۽ سکر جي اسپتالن طرف ريفر ڪيو ويو، ڌماڪي ۾ شڪارپور شهر ۽ ان جي ڀرپاسي جا 61 کان وڌيڪ نمازي شهيد ٿي ويا جن ۾ خير محمد جعفري، صحبت جعفري ، سيد فتح عباس شاهه، قمر عباس شاهه، نويد سمون، علي جان دايو، علي گل حاجاڻو، ارشاد بابلاڻي، سهيل ميمڻ، غلام مصطفي شاهه، پير بخش منگي، ڊاڪٽر جاويد شاهه، سيد مطيع شاهه، ثناءُ الله اڄڻ، مور علي بڪيجو، خادم سمون، خادم حسين ناپر، سليم بابلاڻي، حاجي شبير احمد سمون، امداد چنو، پروفيسر سيد رضا علي شاهه، پرويز ٻرڙو، زاهد چنو، امداد چنو، نعمان عباسي، سيد صابر شاهه، نور احمد راڙهي، مظهر سولنگي، غلام شبير لهر، صابر علي هڪڙو، وڪيل سومرو، سيد ارشاد علي شاهه، سهيل شيخ، هاشام شيخ، عادل شيخ، محمد عثمان شيخ، ايران سمون، الطاف بابلاڻي، فضل عباس جهلڻ، طالب حسين سمون، سيد علي شاهه، غلام مرتضي شاهه، عابد سومرو، سونو شيخ، عقيل احمد سميت ٻيا شامل آهن، جڏهن ته واقعي ۾ 60 کان وڌيڪ نمازي زخمي پڻ ٿي پيا، واقعي کان پوءِ سول اسپتال شڪارپور ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي جتي زخمين کي فرسٽ ايڊ ڏئي کين سکر ۽ لاڙڪاڻي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، هوڏانهن ڌماڪي جي خبر جهنگ ۾ باهه جيان پکڙجي وئي، سمورو شهر مڪمل طور تي بند ٿي ويون ۽ هزارين شهري پنهنجي گهرن مان نڪري اسپتال پهچي پنهنجن پيارن کي ڳولهيندا رهيا، هر طرف قيامت جو منظر هو ماڻهو روڊن، رستن ۽ اسپتال ۾ ماتم ڪندا رهيا جڏهن ته زخمين کي خون ڏيڻ لاءِ اعلان ڪيا ويا ۽ سوين نوجوان زخمين کي خون عطيو ڏيڻ لاءِ پهتا، هوڏانهن واقعي کان پوءِ لاڙڪاڻو کان رينجرز پهتي جنهن سول اسپتال جو ڪنٽرول سنڀاليو جڏهن ته ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو سائين رکيو ميراڻي، ڊي سي شڪارپور هادي بخش زرداري پڻ اسپتال پهتا ۽ زخمين جي علاج توڙي ٻين انتظامي معاملن جي نگراني ڪندا رهيا. وزيراعظم نواز شريف، اڳوڻي صد رآصف علي زرداري،پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق، ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين، ڊاڪٽر طاهر القادري، علامه راجا ناصر عباس ۽ ٻين سياسي اڳواڻن ۽ ديني شخصيتن شڪارپور ۾ امام بارگاهه ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ ذمت ڪئي آهي، وزيراعظم نواز شريف شڪارپور ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، وزيراعظم ڌماڪي جي رپورٽ به طلب ڪري و رتي آهي جڏهن ته وزيراعظم جو چوڻ آهي ته ملڪ مان دهشتگردي  ۽ انتهاپسندي جي خاتملي جو عزم ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته آصف زرداري ڌماڪي جي مذمت ڪئي ۽ سنڌ حڪومت کي هدايت ڪئي ته هو زخمين جي طبي امداد لاءِ فوري قدم کڻن، شهباز شريف شڪارپور امام بارگاهه ڌماڪي ۾ قيمتي انساني جانين جي ضايع تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته معصوم جانين سان کيڏندڙ مسلمان ته ڇا انسان چورائڻ جي لائق به ناهن، اهڙي بزدلاڻي ڪارروائي قوم جو عزم ختم نه ٿي ڪري سگهي جماعت اسلامي جي امير چيو ته ملڪ ۾ فرقيواراڻن فسادن ڪرائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي الطاف حسين جو چوڻ هو ته رت جي راند کيڏندڙ عنصر انسانيت جا دشمن آهن هن سوال ڪيو ته شڪارپور ۾ دهشتگردي جو خطرو پهريان کان موجود هو ته سيڪيورٽي جو بندوبست ڇو نه ڪيو؟ شڪارپور ڌماڪي کي درندگي جي بدترين مثال قرار ڏيندي الطاف حسين وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو  عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري جو چوڻ هو ته دهشتگردي جي ڪارروائين جو تسلسل ملڪي سلامتي لاءِ خطرناڪ آهي مجلس وحدت المسلمين جي علامه ناصر عباس جو چوڻ هو ته دهشتگردي جي ڪارروائي حڪومت جي ناڪامي جو چٽو ثبوت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *