شڪارپور بم ڌماڪو دهشتگردن جي ڪُڌي ذهنيت ظاهر ڪري ٿو: آصف علي زرداري

اسلام آباد: پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري شڪارپور بم ڌماڪي کي دهشتگردن جي ڪُڌي ذهنيت قرار ڏيندي چيو آهي ته  دهشتگرد ۽ عسڪريت پسند اسان جي عزمن کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن، اسان کين عبرتناڪ شڪست ڏينداسين. پنهنجي هڪ بيان ۾ آصف علي زرداري شڪارپور ۾ امام بارگاهه تي غير انساني حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته کيس امام بارگاهه ۾ نمازين جي مارجڻ سان سخت ڏک ۽ صدمو پهتو آهي ۽ اهو حملو دهشتگردن جي ڪُڌي ذهنيت جو عڪاس آهي. هن چيو ته دهشتگردي ۽ عسڪريت پسندي جو ڪوبه واقعو پاڪستان پيپلزپارٽي جي ان عزم کي ڪمزور نٿو ڪري سگهي ته دهشتگردن کي شڪست فاش ڏني ويندي. آصف علي زرداري سنڌ جي وڏي وزير، سنڌ حڪومت ۽ پارٽي ڪارڪنن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪن ۽ سندن بحالي جي ڪمن ۾ اڳتي وڌي حصو وٺن. هن ان سانحي ۾ شهيد ٿيلن جي روح جي ايصال ثواب ۽ زخمين جي صحتيابي جي دعا به ڪئي. هن متاثر ٿيل خاندانن لاءِ صبر جميل جي دعا به ڪئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *