شڪارپور آپريشن ۾ شهيد اهلڪارن جو ڪيس داخل، سردار تيغو خان تيغاڻي به نامزد، 2 پٽن سميت ڪراچي مان گرفتار

شڪارپور(م.ڊ)شڪارپور آپريشن ۾ شهيد اهلڪارن جو ڪيس ناپرڪوٽ ٿاڻي تي پوليس جي مدعيت م داخل ڪيو ويو آهي.  ٻئي طرف  شڪارپور پوليس سردار تيغو خان تيغاڻي کي سندس پٽن سميت ڪراچي جي گلستان جوهر واري علائقي مان گرفتار ڪري ورتو آهي. ايس ايس پي شڪارپور امير سعود مگسي دعويٰ ڪئي آهي ته شڪارپور پوليس ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪندي سردار تيغو خان تيغاڻي کي سندس ٻن پٽن سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. ايس ايس پي امير سعود مگسي جو چوڻ هو ته شڪارپور پوليس ڪراچي جي گلستان جوهر واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي سردار تيغو خان تيغاڻي ۽ سندس ٻن پٽن کي گرفتار ڪيو آهي، هن چيو ته اسان پنهنجي شهيد ٿيل اهلڪارن جو رت رائيگان وڃڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته ڪچي ۾ آپريشن جي نگراني آئون پاڻ ڪري رهيو آهيان. هوڏانهن سردار تيغي خان جي سوٽ عبدالنبي تيغاڻي جو چوڻ هو ته شاگرد خالد خان تيغاڻي،مشتاق تيغاڻي، منور تيغاڻي،ڀائيٽو غلام محمد سميت 10 ڄڻن کي رات دير سان کنڀيو ويو. هن چيو ته ملازم امام الدين، عجب گل،حاجي ظفر سھندڙو سميت 10 ڄڻن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي. عبدالنبي تيغاڻي چيو ته ڏوھاري ھر برادري ۾ ھوندو آھي، سردار ڏوھاري ناھي جو ھن کي کنڀيو ويو. هن چيو ته سياسي مخالفن کي خوش ڪرڻ لاء سردار خلاف ڪاروائي ڪئي وئي، پوليس اھلڪارن جي شھادت تي ڏک آھي، ڏوھارين خلاف ڪاروائي ٿيڻ گھرجي. ٻئي پاسي شڪارپور جي ناپر ڪوٽ ٿاڻي تي پوليس آپريشن ۾ شهيد اهلڪارن جو ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ تيغو خان تيغاڻي کي پڻ نامزد ڪيو ويو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *