شيکر ڌون کانپوءِ وجئي شنڪر به ورلڊ ڪپ کان ٻاهر

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) اوپننگ بيٽسمين شيکر ڌون کانپوءِ ڀارتي آل رائونڊر وجئي شنڪر به ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ٿي ويو.وجئي شنڪر نيٽ پريڪٽس دوران جسپريت بمرا طرفان ڪرايل بال آڱوٺي تي لڳڻ سان زخمي ٿي پيو، جنهن کانپوءِ هو عالمي ڪپ جي ٻين ميچن ۾ ڀارت جي نمائندگي نه ڪري سگهندو.ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ وجئي شنڪر جي جاءِ تي ماينڪ اگروال کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ آءِ سي سي کان اجازت به گهري وئي آهي.ماينڪ اگروال گذريل سال ڊسمبر ۾ آسٽريليا خلاف ٽيسٽ ڊيبيو ڪيو هو ۽ هيل تائين هو ون ڊي ڪرڪيٽ ناهي کيڏيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *