
ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي انتها پسند تنظيم شِو سينا جي مسلمانن سان وير سڀني جي اڳيان اچي ويو آهي ۽ هاڻي هنن بالي ووڊ جي اداڪار نوازالدين صديقي کي رڳو ان ڪري رامائڻ تي ٺهندڙ اسٽيج ڊرامي ليلا رام ۾ ڪم کان ڪرڻ کان روڪيو آهي ڇو ته هو مسلمان آهي.بالي ووڊ ۾ 50 کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪندڙ نواز الدين رياست اتر پرديش جي علائقي ٻڌانا ۾ پنهنجي ننڍپڻ جي خواهش کي عملي طور پورو ڪرڻ لاءِ رام ليلا جي اسٽيج تي پهتو ته شيو سينا جي غنڊن جي سخت احتجاج تي کيس رام ليلا ۾ ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو.