شيخ رشيد وزير اعظم خلاف ڪرپشن بابت ريفرنس نيب ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) شيخ رشيد وزير اعظم شاهد خاقان عباسي خلاف قطر سان ايل اين جي درآمد معاهدي ۾ مبينا ڪرپشن بابت ريفرنس نيب ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو. تفصيل موجب قومي احتساب بيورو جي هيڊ ڪوارٽر ۾ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ چيئرمين نيب جسٽس جاويد اقبال سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي خلاف قطر سان ايل اين جي درآمد معاهدي ۾ مبينا ڪرپشن بابت ريفرنس نيب ۾ جمع ڪرايو. عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ڪيپٽن صفدر جي خلاف به نيب ۾ درخواست جمع ڪرائي آهي. شيخ رشيد درخواست ۾ چيو ته ترقياتي فنڊن جي نالي تي ڪيپٽن صفدر کي 9 ارب رپيا ڏنا ويا، پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي به ڪيپٽن صفدر کي فنڊ ڏيڻ جو نوٽيس ورتو، پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي جي سربراهه ڪيبنٽ ڊويزن کي 4 خط به لکيا. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڪوششن جي باوجود ناڻي واري سيڪريٽري  يا ڪيبنٽ ڊويزن جواب ناهي ڏنو ان ڪري ناڻي واري سيڪريٽري، ڪيبنٽ ڊويزن ۽ ڪيپٽڻ ريٽائرڊ صفدر کان فنڊن بابت پڇاڻو ڪيو وڃي.  ان موقعي تي شيخ رشيد ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته نيب کي هلڪي ڦلڪي موسيقي ڪرڻي آهي پڪو راڳ ناهي ڳائڻو، نيب جو اڌ ڪم اسان ڪري ڇڏيو ۽ اڌ چيف جسٽس جو حڪم آهي. هن چيو ته شريف خاندان جي مرضي جيڪو ڪري قانون ۽ انصاف جو فيصلو ايندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *